سيد عبداللطيف بخاري

سيد عبداللطيف بخاري: سيد عبداللطيف شاهه ولد سيد عبدالرزاق شاهه بخاريءَ جا وڏا اچ شريف جا هئا، جتان لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺا. اڳتي هلي سيد عبداللطيف بخاريءَ سيوهڻ اچي وسايو، جهانگير بادشاهه هن بزرگ تي ڏاڍو راضي ٿيو، کيس شاهي خزاني مان ڪافي ڪجھه ڏنائين ۽ ديهه ڪڇي تعلقي سيوهڻ ۾ جاگير به ڏنائين. هي سيد صاحب ذاتي بزرگي ۽ سهڻين صفتن جي ڪري وقت جي بزرگن ۾ شامل رهيو آهي. مير علي شير قانع ٺٽوي هن بزرگ جي ناناڻڪي نک مان هو، جنهن هن سيد جو احوال پنهنجي ڪتاب تحفة الڪرام ۾ تحرير ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو